پنجاب جي علائقي چنيوٽ ۾ مسافر وين تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا

police

پنجاب جي علائقي چنيوٽ ۾ مسافر وين تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس ڪارروائي ڪري فائرنگ ڪندڙ ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

  چنيوٽ جي ڪنڊياوالا ٿاڻي جي حد مونگي والا واري علائقي ۾ چنيوٽ کان اسلام آباد ويندڙ مسافر وين تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني.

فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 مسافر زخمي ٿي پيا، جن کي چنيوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

واقعي جي اطلاع تي پوليس فوري طور تي موقعي تي پهچي ٻيلي ۾ لڪي ويل هٿياربندن جو پيڇو ڪيو ۽ فائرنگ ڪندڙ ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*