وفاقي وزير پرويز رشيد ۽ وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن بابت خاص معاون طارق فاطمي لنڊن روانا ٿي ويا

parvez-fatemi

وفاقي وزير پرويز رشيد ۽ وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن بابت خاص معاون طارق فاطمي لنڊن روانا ٿي ويا آهن، جيڪي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري کيس ملڪي صورتحال تي بريفنگ ڏيندا.

وزيراعظم نواز شريف جي طلب ڪرڻ تي وفاقي وزير پرويز رشيد، پرڏيهي معاملن بابت خاص معاون طارق فاطمي، سينيٽر مشاهد الله ۽ فواد حسن فواد لنڊن روانا ٿي ويا آهن.

 وفاقي وزير پرويز رشيد، وزيراعظم نواز شريف کي  ڊاڪٽر طاهر القادري جي ڌرڻي، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري ۽ پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ ٽي او آر سميت ملڪي صورتحال تي بريفنگ ڏيندو.

ذريعن موجب، پرڏيهي معاملن بابت خاص معاون طارق فاطمي پاران وزيراعظم کي طور خم بارڊر تي پاڪ افغان ڇڪتاڻ سميت ٻين معاملن تي آگاهي ڏني  ويندي.

واضح رهي ته وزيراعظم نواز شريف گذريل ڏينهن وفاقي وزيرن کي لنڊن طلب ڪيو هو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*