ڪوٽڙي ۾ پورهيت لطيف بروهي جي قتل ۾ نامزد مک جوابدار کي يوسي جو وائيس چيئرمين نامزد ڪرڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو

kotry-lateef-khosa-protest

ڪوٽڙي ۾ پورهيت لطيف بروهي جي قتل ۾ نامزد مک جوابدار کي يوسي جو وائيس چيئرمين نامزد ڪرڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

پورهيت لطيف بروهي جي قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار سليم طاهر کي يوسي ٻولهاڙي جو وائيس چيئرمين  نامزد ڪرڻ خلاف 17 ڏينهن به سائيٽ ايڪشن ڪاميٽي پاران ديدار شام، قاري وزير مجاهد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مظاهرين چيو ته ڪجهه مهينا اڳ پورهيت لطيف بروهي کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو،پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

هنن چيو ته پورهيت جي ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار سليم طاهر کي يوسي جو وائيس چيئرمين نامزد ڪيو ويو آهي، جيڪا ڏوهاري جي سرپرستي ڪرڻ آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي وائيس چيئرمين نامزد ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي کيس گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*