گهوٽڪي جي سيڊا ڊائريڪٽر پاران سيڪريٽي آبپاشي کي لکيل خط کانپوءِ سيڪريٽري آبپاشي سيڊا ڊائريڪٽر سان ملاقات ڪري کيس مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري

ghotki-sada-letter

گهوٽڪي جي سيڊا ڊائريڪٽر پاران  سيڪريٽي آبپاشي کي لکيل خط کانپوءِ سيڪريٽري آبپاشي سيڊا ڊائريڪٽر سان ملاقات ڪري کيس مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

سيڊا ڊائريڪٽر غلام ياسين قريشي ڪجهه ڏينهن اڳ سيڪريٽري آبپاشي ظهير احمد شاهه کي خط لکي شڪايت ڪئي هئي ته انجنيئرز ۽ لاڳاپيل عملو ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهن سبب هو اڪيلي سر بندن جي نگراني ڪري رهيو.

هن سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ چيو ته آبپاشي  عملي کي ڊيوٽي جو پابند ڪيو وڃي ، يا هن کيس موڪل تي روانو ڪيو وڃي.

سيڪريٽري آبپاشي گذريل ڏينهن سيڊا ڊائريڪٽر کي ڪراچي طلب ڪري ملاقات ڪئي ۽ مسئلا ٻڌي انهن کي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

سيڪريٽري آبپاشي خالي پيل 5 انجنيئرز جي جاين تي چئن کي سومر تائين مقرر ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ ڊيوٽين تان غائب انجنيئرز سميت عملي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

سيڊا ڊائريڪٽر غلام ياسين قريشي جو چوڻ هو ته سيڪريٽري آبپاشي هن جي خط جو بهتر جواب ڏنو آهي، جنهن بعد  2 انجنيئرز ڊيوٽي تي اچڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن.

سيڊا ڊائريڪٽر موجب غير حاضر ۽ ڊيوٽي نه ڪندڙ عملي جي لسٽ ٺاهي کين شوڪاز  نوٽيس جاري ڪيا ويندا…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*