پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم ٿيڻ کانپوءِ بند ڪيل طور خم بارڊر کي ستين ڏينهن هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو

torkham-gate-afghanistan-pa

پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم ٿيڻ کانپوءِ بند ڪيل طور خم بارڊر کي ستين ڏينهن هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي پر بنا دستاويزن جي ايندڙ افغان شهرين جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لاڳو آهي.

ڪالهه پاڪستان ۽ افغانستان جي اعليٰ اختيارين وچ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيل ڳالهين بعد اڄ طور خم بارڊر کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي.

بارڊر کلندي ئي سرحد جي ٻنهي طرفن جي واپسي جي منتظر ماڻهن جي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب ڪيترن ئي ڏينهن کان بند پيل ٽريڊ ٽرانزٽ جي اچ وڃ به شروع ٿي وئي آهي.

طور خم بارڊر تي سفري دستاويزن جي چيڪنگ کانپوءِ اميگريشن عملدارن طرفان ڏيهه واپس ويندڙ افغان شهرين کي ويزا جاري ڪيا ويا آهن پر بغير سفري دستاويزن جي ايندڙ افغان شهرين کي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

پاڪستان ۽ افغانستان جي عملدارن وچ ۾ ٿيل ڳالهين دوران افغان سڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل پاڪ فوج جي ميجر علي جواد چنگيزي لاءِ فاتح خواني پڻ ڪئي وئي.

ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ علائقي ۾ لاڳو ڪيل ڪرفيو به ختم ڪيو ويو آهي، جنهن بعد لنڊي ڪوتل جي بازار کولي وئي آهي ۽ معمول جي زندگي به بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي.

واضح رهي ته طور خم بارڊر تي گيٽ لڳائڻ جي معاملي تي پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي هئي، افغان سڪيورٽي فورسز جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو ميجر علي جواد چنگيزي شهيد ٿي ويو هو، جڏهن ته 10 اهلڪارن سميت 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*