نيب، لياري گينگ وار جي جوابدار عزير بلوچ کي حراست ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو

nab-uzair-baloch

نيب، لياري گينگ وار جي جوابدار عزير بلوچ کي حراست ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته عزير بلوچ کان مني لانڊرنگ جي جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ کائنس ٻين الزامن جي به جاچ ڪئي ويندي.

ذريعن موجب، قومي احتساب بيورو پاران عزير بلوچ جو پوليس رمانڊ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ کيس حراست ۾ وٺڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ويندي.

ذريعن موجب عزير بلوچ کي مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ ان کان علاوه چائنه ڪٽنگ، زمينن تي قبضن ۽ ٻين الزامن جي به جاچ ڪئي ويندي.

لياري گينگ وارو جو جوابدار عزير بلوچ هن وقت نبي بخش پوليس جي تحويل ۾ رمانڊ تي آهي، مٿس مني لانڊرنگ، زمينن تي قبضن ۽ چائنگا ڪٽنگ جا الزام آهن.

رينجرز عزير بلوچ جو 90 ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ بعد کيس پوليس حوالي ڪيو هو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*