ڪورنگي جي رهواسين جو گهر ڊاهڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو واٽر ڪينن جي استعمال سبب عورت بيهوش

ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي جي رهواسين گهر ڊاهڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي، مظاهرين پاران وزيراعليٰ هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش دوران واٽر ڪينن جي استعمال ۾ هڪ عورت بيهوش ٿي وئي آهي.

ڪورنگي جي قمر النساءَ ڪالوني واسين گهر ڊاهڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين پاران وزيراعليٰ هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش کي روڪڻ لاءِ واٽر ڪينن جي استعمال ۾ هڪ عورت زخمي ٿي پئي.

احتجاج ڪندڙ جو چوڻ آهي پوليس گهرن تي چڙهائي ڪري گهر ڊاهيا آهن.

ٻئي پاسي پوليس مظاهرين کي روڪڻ لاءِ وزيراعليٰ هائوس ڏانهن ويندڙ رستا سيل  ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*