تنگواڻي ويجهو جوابدارن ڀتو نه ڏيڻ تان 250 ايڪڙن تي بيٺل ساريالو ٻيجارو کوٽي تباهه ڪري ڇڏيو

tangwanimap25-8

تنگواڻي ويجهو جوابدارن ڀتو نه ڏيڻ تان 250 ايڪڙن تي بيٺل ساريالو ٻيجارو کوٽي تباهه ڪري ڇڏيو، واقعي خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ جيئو ملڪ ۾ ڀتو نه ڏيڻ تان جوابدارن 250 ايڪڙن تي بيٺل ساريالو ٻيجارو ڪوڏرين سان ڪپي تباھ ڪري ڇڏيو.

اهڙي عمل خلاف ڳوٺاڻن ملڪ،رضامحمد ، شمن علي ۽ ٻين اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

مظاهرين چيو ته هڪ پوليس عملدار ڏوهارين سان گڏجي رهواسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ڳوٺاڻن کان لاڳيتو ڀتو گهري رهيو آهي.

 هنن چيو ته ڀتو نه ڏيڻ تي ڳوٺ مٿان فائرنگ ڪري 250 ايڪڙن تي بيٺل ساريالو ٻيجارو ڪوڏرين سان ڪپي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري کين لکين رپين جونقصان رسيو آهي.

ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته بااثر پوليس اهلڪار خلاف ڪارروائي ڪري سندن ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*