حيدرآباد ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ سبب وڌيڪ 2 نوجوان فوت ٿي ويا

one-willing

حيدرآباد ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ سبب وڌيڪ 2 نوجوان فوت ٿي ويا آهن، جنهن بعد 15 ڏينهن ۾ حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 17 ٿي ويو آهي، ڪي ٽي اين  نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد نذير حسين فلاءِ اور واري علائقي ۾ رنيجرز جي وڏي نفري کي مقرر ڪيو ويو آهي.

حيدرآباد ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ وارو جنون چوٽ چڙهي وڃڻ ڪري قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون، مختلف علائقن ۾ حادثن سبب وڌيڪ 2 نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

حيدرآباد ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ سبب 15 ڏينهن اندر 17 نوجوان پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن، جڏهن ته ڪيترائي زخمي اسپتال داخل آهن.

ڪي ٽي اين نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد شهر جي بذير حسين فلاءِ اور وٽ رينجرز جي وڏي نفري کي مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ان علائقي ۾ اڄ پهرين ڀيرو ون ويلنگ نه ٿي سگهي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوانن پاران موٽر سائيڪل تي ون ويلنگ کي روڪڻ لاءِ ڪابه قانونساري ناهي ٿيل، جنهن ڪري گرفتاريون نٿيون ڪيون وڃن، پر جتي ون ويلنگ ٿيندي ڏٺي وڃي ته انهن نوجوانن  کي سختي سان روڪيو ويندو آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*