ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار مٿس پرڏيهه ۾ اثاثا هئڻ جا الزام لڳائيندڙن کي فاريزنڪ آڊٽ جو چيلينج

Ishaq-Dar-4616

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار مٿس پرڏيهه ۾ اثاثا هئڻ جا الزام لڳائيندڙن کي فاريزنڪ آڊٽ جو چيلينج ڪندي چيو آهي ته اثاثن جا تفصيل اليڪشن ڪميشن وٽ موجود آهن، الزام لڳائيندڙن کي عدالت وٺي ويندس، پرڏيهه ۾ قرضن جو حساب ن ليگ کان نه پر ماضي جي حڪومتن کان ورتو وڃي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته وفاقي بجيٽ ۾ خساري تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، 18 هين ترميم کانپوءِ ٽن صوبن به خساري واري بجيٽ پيش ڪئي آهي.

هـُن چيو ته مالياتي خسارو گذريل ٽن سالن ۾ زيرو رهجي ويو آهي، آپريشن ضرب عضب تي هيل تائين هڪ سئو 45 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، وڌيڪ 100 ارب رپيا به ضرب عضب لاءِ رکيا ويا آهن.

هـُن ميمبرز کي مشورو ڏنو ته مرغي تي لاڳو ڪيل ٽيڪس ختم ڪئي وئي آهي ۽ مرغي هاڻي 200 رپيا ڪلو ملي رهي آهي، تنهن ڪري هاڻي مرغي کائي سگهجي ٿي.

اسحاق ڊار چيو ته 1947 کان هيل تائين ورتل قرضن جو حساب ن ليگ کان نه ورتو وڃي،پيپلزپارٽي، پرويز مشرف ۽ ق ليگ جي حڪومتن به قرض ورتا هئا، 2000 کان 2013 تائين ورتل قرضن جو حساب مشرف ۽ پ پ کان ورتو وڃي.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ن ليگ جي حڪومت اچڻ کان اڳ 34 ادارا ڳجها فنڊ وصول ڪري رهيا هئا پر هـُنن  حڪومت ۾ ايندي ئي 32 ادارن جا فنڊ بند ڪري ڇڏيا آهن، رڳو ٻن ڳجهن ادارن کي سيڪرٽ فنڊ ملندا آهن پر ان جو به طريقيڪار آهي ۽ آڊٽ ڪيو ويندو آهي.

پرڏيهه ۾ اثاثن بابت الزامن بابت ايوان کي آگاهي ڏيندي اسحاق ڊار چيو ته سندس اثاثن جا سمورا تفصيل اليڪشن ڪميشن وٽ موجود آهن، هن زندگي ۾ چانهه جي هڪ سـُرڪي به حرام جي ناهي پيتي.

اسحاق ڊار چيو ته مٿس پرڏيهه ۾ اثاثن جا الزام لڳائيندڙن کي هـُو فارينزڪ آڊٽ جو چيلينج ڪري ٿو، الزامن کي عدالت ۾ وٺي ويندا ۽ جيڪڏهن الزام ثابت ٿيا ته هـُو سياست ڇڏي ڏيندو.

پاڪ -افغان ڇڪتاڻ بابت ايوان ۾ ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته حڪومت صورتحال کان باخبر آهي، وزيراعظم نواز شريف طارق فاطمي کي لنڊن گهرايو آهي، سرحد تي ڇڪتاڻ ٻنهي ملڪن لاءِ سٺو سنوڻ ناهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*