خيرپور ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ نوجوان ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو

khirpur-map-anti19-8

خيرپور ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ نوجوان ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 3 ٿي ويو، جڏهن ته زخمي 16 ڄڻن جو علاج جاري آهي.

شاهه حسين باءِ پاس وٽ 5 ڏينهن اڳ هوٽل ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا  فوت ۽ 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.

زخمين مان وڌڪ هڪ نوجوان شڪيل شيخ ڪراچي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن بعد حياتيون وڃائندڙن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل 16 ڄڻن مان ٽن جو خيرپور جي سول اسپتال ۽ ٻين جو ڪراچي ۾ علاج جاري آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*