راڻيپور ۾ هفت زبان صوفي شاعر حضرت سچل سرمست جو 195هون عرس مبارڪ شروع ٿيڻ ۾ باقي هڪ ڏينهن

Sachal

راڻيپور ۾ هفت زبان صوفي شاعر حضرت سچل سرمست جو 195هون عرس مبارڪ شروع ٿيڻ ۾ باقي هڪ ڏينهن آهي، هر سال جيان هيل به زائرين لاءِ ڪي به مناسب انتظام نه ڪيا ويا آهن.

عظيم صوفي بزرگ حضرت سچل سرمست جو ساليانو 195هون عرس مبارڪ سڀاڻي شروع ٿي رهيو آهي، جنهن لاءِ  ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان زائرين جي آمد جاري آهي.

سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين مريد ۽ عقيدت مند وڏي تعداد ۾ درگاھ تي پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، پر سڪيورٽي، رهائش توڙي کاڌي پيتي جي حوالي سان ناقص انتظامن سبب کين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

انتظاميه جي بي ڌياني سبب روضي ۾ لڳل چٽساليءَ واريون سِرون ڀـــُرڻ شروع ٿي ويون آهن، جنهن سبب ان جي خوبصورتي ختم ٿيڻ لڳي آهي.

گذريل ٻن سان کان درگاھ کي ڏنل ڊبل روڊ جو ڪم به اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگھيو آهي، جنهنڪري زائرين کي سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*