قومي اسيمبلي 104 کرب 42 ارب 35 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي لازمي خرچن جي منظوري ڏئي ڇڏي

islamabadnationalassemblyi0

قومي اسيمبلي 104 کرب 42 ارب 35 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي لازمي خرچن جي منظوري ڏئي ڇڏي، دفاع لاءِ 860 ارب، وفاق ۽ صوبن وچ ۾ امدادي رقم جي ورڇ لاءِ هڪ ارب ۽ پرڏيهي قرضن جي ادائيگي لاءِ 4 کرب 43 ارب 80 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني وئي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران 860 ارب رپين جي دفاعي جي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته وفاق ۽ صوبن ۾ امدادي رقم جي ورڇ لاءِ 13 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي.

قومي اسيمبلي لاءِ هڪ ارب 44 ڪروڙ 97 لک رپين، سينيٽ لاءِ هڪ ارب 9 ڪروڙ 2 لک، اليڪشن ڪميشن لاءِ 2 ارب، 25 ڪروڙ 33 لک رپين جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس دوران ملڪ جي اندروني قرضن جي مد ۾ 83 کرب 88 ارب 29 ڪروڙ ۽ ملڪي قرضن تي 12 کرب 47 ارب رپين جي وياج جي ادائگي جي منظوري ڏني وئي.

قومي اسيمبلي پرڏيهي قرضن جي ادائگي لاءِ 4 کرب 43 ارب 80 ڪروڙ رپيا ۽ پرڏيهي قرضن تي هڪ کرب 13 ارب رپين جي وياج جي ادائگي جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته وقت کان اڳ پرڏيهي قرضن جي واپسي لاءِ هڪ کرب 41 ارب 37 ڪروڙ رپيا پڻ منظور ڪيا ويا.

قومي اسيمبلي ناڻي جي 147 مطالبن مان 12 کرب 26 ارب 76 ڪروڙ 893 هزار جي ناڻي وارن 75 مطالبن جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي.

بچاءُ واري وزارت، دفاعي پيداوار، مواصلات، ريلوي، تعليم، صنعت، پيداوار، آءِ ٽي، اطلاعات واري وزارت، مذهبي معاملن واري وزارت، ڪشمير بابت معاملن، قانون واري وزارت، قومي هيلٿ سروسز، پارلياماني معاملن ۽ بندرگاهن وارين وزارتن جي ناڻي وارن مطالبن جي پڻ منظوري ڏني وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*