پيپلز پارٽي پاران صوبائي وزير منظور وساڻ جي پٽ شهريار وساڻ کي خيرپور ضلعي جي چيئرميني لاءِ نامزد ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ نئين ديري ۾ ريلي

naudaro-pp-rally

پيپلز پارٽي پاران صوبائي وزير منظور وساڻ جي پٽ شهريار وساڻ کي خيرپور ضلعي جي چيئرميني لاءِ نامزد ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ نئين ديري ۾ ريلي ڪڍي مٺائي ورهائي وئي.

پ پ ڪارڪنن محمد اسلم کهڙَي، ثناءُ الله سومرَي ۽ سرفراز ڦلپوٽَي جي اڳواڻيءَ ۾ الله واري چوڪ کان ريلي ڪڍي مٺايون ورهائيندا ڳڙهي خدابخش ڀٽو شهيدن جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد جهمريون هنيون.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته شهريار وساڻ کي خيرپور لاءِ ضلعي چيئرمين طور نامزد ڪرڻ واري فيصلي تي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، جيڪو فيصلو ضلعي جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ مثالي ثابت ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*