ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ واپسي تي تمام گهڻي خوشِي ٿي رهي آهي:محمد عامر

mohd-aamir

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عامر چيو آهي ته کيس ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ واپسي تي تمام گهڻي خوشِي ٿي رهي آهي،جنهن کي هو لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهي.

2010۾ آگسٽ مهيني ۾ انگلينڊ جي ٽيم خلاف لارڊز جي ميدان تي اسپاٽ فڪسنگ جو الزام ثابت ٿيڻ تي محمد عامر مٿان 5 سال ڪنهن به قسم جي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پاپندي مڙهي وئي هئي،جنهن بعد گذريل سال جي آخر ۾ سندس مٿان پاپندي ختم ٿي۽ هن نيوزلينڊ جي ٽيم خلاف ون ڊي سيريز ۾ قومي ٽيم جي نمائندگي ڪرڻ سان گڏ ايشيا ڪپ ۽ٽي-ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏيون.

محمد عامر چيو ته اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ پاپندي بعد هن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته هو ٻيهر انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ۾ واپس ايندو.

محمد عامر انگلينڊ خلاف رٿيل چار ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ قومي ٽيم جي نمائندگي ڪندو.

لنڊن روانگي کان پهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد عامر جو چوڻ ته کيس ٽيسٽ ٽيم ۾ شامل ٿيڻ تي خوشِي ٿي آهي.

هن چيو ته ون ڊي ۽ٽي-ٽوئنٽي فارميٽ ۾ سليڪشن ٿيڻ بعد ٽيسٽ ٽيم جو حصو ٿيڻ تي کيس وڏي خوشي محسوس ٿي رهي آهي،جنهن کي هو لفظن ۾بيان نٿو ڪري سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*