پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ خلاف چار ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ لاهورجي علامه اقبال ايئرپورٽ کان لنڊن رواني ٿي وئي

pak-team-in-airoplean

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ خلاف چار ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ لاهورجي علامه اقبال ايئرپورٽ کان لنڊن رواني ٿي وئي آهي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڪپتان مصباح الحق جي قيادت ۾لاهور کان لنڊن رواني ٿي وئي.

ٽيم انگلينڊ جي ٽيم خلاف چار ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز کان پهرين هيمشائر ۾ ٻن هفتن تي ٻڌل ٽريننگ ڪيمپ ۾ شرڪت ڪندي، جنهن بعد ٻه پريڪٽس ميچز پڻ کيڏندي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ رٿيل چار ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 14جولاءِ تي لارڊز جي ميدان ۾ کيڏي ويندي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾مجموعي طور تي 77ٽيسٽ ميچز ٿي چڪيون آهن، جن مان 18ميچز ۾ قومي ٽيم کي فتح، جڏهن ته 22ميچز ۾ شڪست نصيب ٿي ۽37 ٽيسٽ ميچز بغير فيصلي جي ختم ٿيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*