جرمني نيٽو جي فوجي مشقن کي جنگي جنون قرار ڏئي ڇڏيو

afghanistan3_0

جرمني اوڀر يورپ ۾ نيٽو جي فوجي مشقن تي سخت تنقيد ڪندي نيٽو تي جنگ کي هٿي وٺرائڻ جو الزام مڙهيو آهي. جرمن پرڏيهي وزير فرينڪ والٽر اسٽمينر جو چوڻ هو ته نيٽو پاران هلندڙ مهيني فوجي جٿن جي چرپر علائقائي سلامتي لاءِ ڇيهو رسائيندڙ هئي ۽ ان جي ڪري روس سان ڇڪتاڻ ۾ واڌ ٿي پئي سگهي. جرمن پرڏيهي وزير نيٽو تي زور ڀريو ته فوجي مشقن کي روس سان وڌيڪ ڳالهين ۽ سهڪار ۾ تبديل ڪري، ڇاڪاڻ ته اسان کي اها صلاح ڏني ويندي آهي ته پراڻي ڇڪتاڻ کي تازو ڪرڻ لاءِ بهانا نه بڻائڻ گهرجن. نيٽو پاران فوجي مشقن کي خطرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت پرکڻ قرار ڏنو ويو هو، ان دوران 7 جون تي نيٽو پاران پولينڊ تي هڪ نقلي روسي حملو به ڪيو هو، ٻن هفتن تائين جاري رهندڙ مشقن ۾ اٽڪل 30 هزار فوجين حصو ورتو هو، جن ۾ 14 هزار امريڪي، 12 هزار پولينڊ ۽ هڪ هزار برطانوي فوجي به شاملهئا، انکانسواءِ وڏي انگ م جنگي جهازن توڙي جنگي ٻيڙن ۽ هزارين ٻيون جنگي گاڏيون به استعمال ڪيون ويون هيون.جڏهن ته روس بابر بار چوندو رهيو آيه ته نيٽو فوج جو ان جي سرحدن ويجهو گڏ ٿيڻ ملڪي سلامتي لاءِ خطرو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*