عراقي شهر فلوجا تان داعش جو قبضو ڇڏائڻ بعد ڪليئرنگ آپريشن

Iraqi

عراقي فوج فلوجا شهر کي فتح ڪرڻ بعد شهر ۾ گشت ۽ ڪليئرنگ آپريشن ڪري رهي آهي. عراق جي وزيراعظم حيدرالعابدي ٽي وي تي قوم کي خطاب دوران فلوجا ۾ فتح جو اعلان ڪندي چيو ته واعدي موجب فلوجا کي آزاد ڪرايو ويو آهي، جيتوڻيڪ شهر جي ڪجهه حصن ۾ دهشتگرد مزاحمت ڪري رهيا آهن پر ڪجهه ڪلاڪن ۾ انهن جو به خاتمو اچي ويندو. فلوجا تي داعش 2014 ۾ قبضو ڪيو هو، جنهن بعد دهشت گرد تنظيم عراق جي ٻين شهرن توڙي شام جي علائقن تي قبضو ڪري خلافت جو اعلان ڪيو هو. بغداد کان 50 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي قائم فلوجا شهر جي مک ميونسپل عمارت تي عراقي جهنڊو ڦڙڪايو ويو آهي،

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*