عامر خان “دنگل” جي شوٽنگ ۾ مصروف

aamir-khan26-8

بالي ووڊ مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان پنهنجي نئين فلم “دنگل” جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي، لڌيانه جي هڪ ڳوٺ ۾ فلم جي شوٽنگ دوران عامر خان انهن افواهن کي به رد ڪري ڇڏيو ته ڪو فلم رٿيل تاريخ کان اڳ رليز ڪئ ويندي. عامر خان هن وقت “دنگل” ۾ پهلوان مهاوير سنگهه فوگاٽ جي جواني واري ڪردار جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي، جنهن لاءِ هن پنهنجو وڌايل وزن ٻيهر گهٽايو آهي. عامر خان جو چوڻ هو ته “دنگل” رٿيل تاريخ 23 ڊسمبر تي ئي رليز ڪئي ويندي، 16 ڊسمبر تي فلم جي رليز واريون خبرون بي بنياد آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*