وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطي اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي

وزيراعظم ميان محمد نواز شريف جي صدارت هيٺ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي.

وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر،وفاقي وزير، سياسي ۽ قانوني صلاحڪار توڙي اٽارني جنرل شرڪت ڪندو.

ذريعن موجب، اجلاس ۾ آپريشن ضرب ۽ سڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي، جڏهن ته فوجي عدالتن جي قيام بابت آئيني ۽ قانوني نقطن تي فوري  آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي حوالي سان به معاملا غور هيٺ ايندا.

اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد، سول ۽ عسڪري ادارن ۾ سهڪار جي اثرائتي حڪمت عملي تي به ڳالهيون ڪيون وينديون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيڪٽا جي اجلاس ۾ سڪيورٽي ۽ انٽيليجنس نظام کي بهتر بڻائڻ جي به حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*