نامياري صحافي شان ڏهر جي وڇوڙي کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو

نامياري صحافي، اديب، شاعر ۽ ڪالم نويس شان ڏهر جي وڇوڙي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي سندس مائٽن ۽ دوستن جون اکيون آليون ٿي ويون آهن، کيس سارڻ لاءِ باڊهه پريس ڪلب ۽ ڪي ٽي اين نيوز جي نيوز روم ۾ تقريبون ٿي رهيون آهن.

شان ڏهر 31 ڊسمبر 2013 تي نيو يئر نائيٽ جي فائرنگ دوران ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ مارجي ويو، کيس هنگامي بنيادن تي لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سينئر ڊاڪٽر نيو يئر نائيٽ ملهائڻ جي ڪري اسپتال مان غائب هئا، جڏهن ته سيکڙاٽ ڊاڪٽرن کي وري شان ڏهر جو بلڊ پريشر نارمل ڪرڻ نه پئي آيو.

چيو پيو وڃي ته شان ڏهر نيو يئر نائيٽ تي ڪنهن جي مدد ڪرڻ لاءِ هڪ اسٽور تي دوا خريد ڪري رهيو هو ته دشمنن کيس گولي هنئي.

نازڪ نفيس ۽ چهبُڪ وانگي سنهڙي شان ڏهر کي گولي لڳڻ کانپوءِ هنگامي بنيادن تي لاڙڪاڻو نيو ويو، جتي هن ٻي صبح تي نائين وڳين جي لڳ ڀڳ يعني هڪ سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

شان ڏهر جا هن مهل تائين قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، سندس ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي نه رڳو ايترو پر حڪومت طرفان جيڪو معاوضو سندس وارثن لاءِ اعلانيو ويو هو اهو به سندس وارثن کي نه ملي سگهيو آهي، ان کانسواءِ شان ڏهر جنهن کي ٻن نياڻين جو اولاد آهي، انهن جي تعليم وارو خرچ به حڪومت ڀرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي به عمل نه ٿي سگهيو آهي.

شان ڏهر صحافت کي لڳ ڀڳ ٽي ڏهاڪا ارپيا، کيس بُکون ڪاٽي به ڪتاب خريد ڪرڻ، پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق هو، هو يارن جو يار هو ۽ سندس اخلاص سبب دوست اڄ به سندس ديوانا آهن.

شان ڏهر کي سارڻ لاءِ پريس ڪلب باڊهه ۾ هڪ تقريب ٿي رهي آهي،  جڏهن ته ڪي ٽي اين نيوز جي نيوز روم ۾ به شان ڏهر لاءِ دعا گهري وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*