ڪوٽڙي ۾ پورهيت جي قتل ڪيس نامزد مک جوابدار کي ميونسپل ڪاميٽي جو وائيس چيئرمين نامزد ڪرڻ خلاف پورهيتن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڪفن پوش ريلي ڪڍي وئي

kotry-protest-

ڪوٽڙي ۾ پورهيت جي قتل ڪيس نامزد مک جوابدار کي ميونسپل ڪاميٽي جو وائيس چيئرمين نامزد ڪرڻ خلاف پورهيتن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڪفن پوش ريلي ڪڍي وئي آهي.

سائيٽ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ديدار شام ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پورهيت لطيف بروهي جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار سليم طاهر کي پيپلز پارٽي ميونسپل ڪاميٽي ٻولهاڙي جو وائيس چيئرمين نامزد ڪري پورهيتن سان نا انصافي ڪئي آهي.

هنن جو چوڻ هو ته گذريل21 ڏينهن کان ڊي سي آفيس اڳيان پورهيتن پاران احتجاج ڪيو پيو وڃي، پر اڃا تائين ڪنهن به عملدار يا سياسي اڳواڻ معاملي جو نوٽيس نه ورتو آهي.

هنن گهر ڪئي ته پورهيت جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*