بخشاپور ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿي ويل واپاري اجي ڪمار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف اڄ ٽئين ڏينهن به شهر ۾ ڪاروبار بند رکي انڊس هاءِ وي ۽ ٿاڻي اڳيان ڌرڻا هنيا ويا

bukhshapur-protest

بخشاپور ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿي ويل واپاري اجي ڪمار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف اڄ ٽئين ڏينهن به شهر ۾ ڪاروبار بند رکي انڊس هاءِ وي ۽ ٿاڻي اڳيان ڌرڻا هنيا ويا.

3 ڏينهن اڳ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل واپاري اجي ڪمار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف ٽئين ڏينهن به شهر ۾ ڪاروبار بند رکيو ويو آهي.

هندو پنچائت ۽ مختلف قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن اميت ڪمار ۽ مکي نريش ڪمار جي اڳواڻيءَ ۾ ٿاڻي اڳيان ۽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻا هنيا آهن.

انڊس هاءِ وي تي ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي، جڏهن ته مختلف ٿاڻن جي وڏي پوليس نفري پڻ ڌرڻي واري هنڌ پهتل آهي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته واپاري اجي ڪمار جي قتل کي 3 ڏينهن گذري ويا آهن پر ايس ايڇ او ليمون لاشاري وارثن جي مرضي تحت ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

هنن چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي بدامني جي باهه وڌي وئي آهي پر پوليس امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته واپاري اجي ڪمار جي وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*