واري سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي جي فرنٽ مين سليم شاهه کي 15 ڏينهن جي جسماني رڪوئيٽا جي احتساب عدالت، ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ڪيس ۾ اڳوڻي ناڻيمانڊ تي نيب حوالي

Mushtaq-rais-21516

ڪوئيٽا جي احتساب عدالت، بلوچستان ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ڪيس ۾ اڳوڻي ناڻي واري سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي جي فرنٽ مين سليم شاهه کي 15 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

نيب پاران ڪراچي مان گرفتار ڪيل بلوچستان جي ناڻي بابت اڳوڻي سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي جي فرنٽ مين کي ڪوئيٽا جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

نيب جي پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهي ڏني ته سليم شاهه تي مڪاني ادارن واري کاتي ۽ ناڻي کاتي ۾ گهوٻين جو الزام آهي، جوابدار مشتاق رئيساڻي جو فرنٽ مين آهي.

نيب عدالت کي استدعا ڪئي ته  جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي، ان ڪري رمانڊ ڏنو وڃي.

عدالت، نيب جي استدعا منظور ڪندي جوابدار کي 15 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.

ٻڌڻيءَ دوران جوابدار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سليم شاهه سان سندس وارثن جي ملاقات نٿي ڪرائي وڃي.

عدالت، نيب کي حڪم ڏنو ته سليم شاهه سان سندس وارثن جي ملاقات ڪرائي وڃي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*