اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ڌرڻن دوران ايس ايس پي عصمت جوڻيجو تي تشدد ڪيس ۾ عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري جا هڪ ڀيرو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽس جاري

Qadri-and-Imran-2014-protests

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ڌرڻن دوران ايس ايس پي عصمت جوڻيجو تي تشدد ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري جا هڪ ڀيرو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ڪوثر عباس زيدي اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڌرڻن دوران دبنگ پوليس آفيسر ايس ايس پي عصمت الله جوڻيجو تي تشدد بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران انسپيڪٽر ياسين عدالتي حڪم تي عملدرآمد بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي.

رپورٽ ۾ عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ عمران خان جي گرفتاري وارنٽس جي تعميل ناهي ٿي سگهي.

عدالت، ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عمران خان ۽ طاهر القادري جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت، ٻنهي اڳواڻن کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 25 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*