دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هر فرد کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو وزيراعظم نواز شريف

وزيراعظم نواز شريف نئين سال جي آمد تي قوم کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته سال 2015 دهشتگردي خلاف ڪامياب جو سال هوندو، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هر فرد کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

هڪ جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم نواز شريف سال 2015 جي آمد تي قوم کي واڌايون ڏنيون آهن ۽ چيو آهي ته نئين سال جو سج روشن مستقبل جي اميد کڻي اڀريو آهي.

وزيراعظم چيو ته حڪومت عوام لاءِ خلوص سان جيڪو پروگرام ڏنو ان تي عمل ڪيو پيو وڃي، نئون سال معاشري ۾ ايڪي، ڀائيچاري ۽ اقتصادي ترقي جو سال پڻ هوندو .

وزيراعظم چيو ته سندس دعا آهي ته نئون سال خيريت ۽ برڪت وارو سال هجي، حڪومت قوم لاءِ جاري منصوبن کي مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي، جيئن ان جو ثمر عوام تائين پهچي سگهي.

وزيراعظم نواز شريف اها به اميد ظاهر ڪئي ته سال 2015 دهشتگردي خلاف ڪاميابي وارو سال هوندو، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هر فرد کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*