سنڌ جي وزارتن ۾ تبديلي جي ڪا خبر نه آهي:سهيل انور سيال

Sohail Anwar Siyal

سنڌ جي گهرو کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته وزارتن ۾ تبديلي جي هن کي ڪا به خبر نه آهي، هن جي وزارت جي قلمدان ۾ تبديلي بابت خبرون هو ٽن مهينن کان ٻڌندو پيو وڃي.

لاڙڪاڻي ۾ شهيد بينظير ڀٽو يوٿ ڊوويلپمينٽ پروگرام تحت بيوٽي پارلر جو ڪورس مڪمل ڪندڙ 2 سو شاگردياڻين ۾ سرٽيفيڪيٽ ورهائڻ واري تقريب بعد ميديا سان ڳالهائيندي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو ته سنڌ جي وزارتن ۾ تبديلي جي ڪا خبر نه آهي، ٽن مهينن کان هو ٻڌي پيو ته هن جي وزارت تبديل پئي ٿئي.

هن جو چوڻ هو ته وزارتون اچڻيون وڃڻيون آهن، هو پارٽي جا ڪارڪن آهن، وزارت نه هوندي به پارٽي جي خدمت ڪندا، هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي امن امان جي صورتحال اڳ کان بهتر آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*