نيب پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ساجد جوکئي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

sajid-jokhio

نيب پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ساجد جوکئي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته ساجد جوکئي تي ملير پئڪيج ۾ اربين رپيا ڪرپشن جو الزام آهي.

نيب ذريعن موجب، قومي احتساب بيورو پاران پيپلزپارٽي جي ملير مان چونڊيل ايم پي اي ساجد جوکئي خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته ساجد جوکيو ملير پئڪيج ۾ 4 ارب رپيا ڪرپشن ڪئي آهي، جڏهن ته ساجد جوکيو  ڊي ايم سي ملير بن قاسم ٽائون ۾ ٺيڪيدار کان ڪميشن پڻ ورتي.

نيب ذريعن موجب، ساجد جوکئي کان علاوه ملير ۽ بن قاسم ٽائون جي ٻين آفيسرن خلاف به جاچ ڪئي پئي وڃي.

ساجد جوکيو پيپلزپارٽي جو ايم پي اي ۽ واٽر بورڊ جو وائيس چيئرمين آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*