نيب سنڌ ملتان ۾ ڪارروائي ڪري سنڌ جي اڳوڻي آڊٽ آفيسر منير عباس کي گرفتار ڪري ورتو

Nab-12-4-16

نيب سنڌ ملتان ۾ ڪارروائي ڪري سنڌ جي اڳوڻي آڊٽ آفيسر منير عباس کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

نيب سنڌ پاران جاري ڪيل بيان موجب قومي احتساب بيورو ملتان جي سهڪار سان ڪارروائي ڪري سنڌ جي اڳوڻي آڊٽ آفيسر منير عباس کي گرفتار ڪيو ويو.

نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته منير عباس تي عهدو رکڻ دوران ٽيڪس سڌارن جي مد ۾ ڪروڙ رپين جي گهوٻين جو الزام آهي.

نيب ترجمان موجب، جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪري وڌيڪ جاچ لاءِ رمانڊ منظور ڪرايو ويندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*