سنڌ ڪابينا جو سيٽ اپ جيئن جو تيئن برقرار رهندو، گهرو وزير سهيل انور سيال سميت ڪنهن به وزير کان قلمدان واپس نه پيو ورتو وڃي:وڏي وزير قائم علي شاهه

qaim-ali-shah

وڏي وزير قائم علي شاهه سنڌ ڪابينا ۾ ڦيرڦار وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته سنڌ ڪابينا جو سيٽ اپ جيئن جو تيئن برقرار رهندو، گهرو وزير سهيل انور سيال سميت ڪنهن به وزير کان قلمدان واپس نه پيو ورتو وڃي، ڊاڪٽر عاصم جو وڊيو بيان ليڪ ٿيڻ قانون جي ابتڙ آهي، جنهن جي جاچ ڪرائي ويندي.

درازه شريف ۾ صوفي بزرگ حضرت سچل سرمست جي 195هين عرس مبارڪ جي سرڪاري تقريبن جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته سنڌ ڪابينا ۾ ڪابه تبديلي نه پئي ڪئي وڃي.

هن چيو ته گهرو وزير سهيل انور سيال سميت سمورا وزير پنهنجي عهدن تي ڪم ڪندا رهندا ۽ موجوده سيٽ اپ جيئن جو تيئن برقرار رهندو.

ڊاڪٽر عاصم حسين جو وڊيو بيان ليڪ ٿيڻ جي حوالي سان وڏي وزير چيو ته چوڌري نثار پنهنجي ذميواري پوري نه ڪئي آهي، معاملي جي نوٽيس وٺي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پاناما ليڪس جي انڪشافن جي جاچ جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ سيد قائم علي شاهه چيو ته سندن موقف آهي ته پاناما ليڪس ۾ ذڪر ٿيل سمورن ماڻهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي پر جيڪڏهن وزيراعظم ۽ سندس ڪٽنب جو نالو شامل نه ٿيو پوءِ جاچ کي ڪير به قبول نه ڪندو.

وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي گذريل 7 سالن دوران 3 لک ماڻهن کي روزگار فراهم ڪيو آهي، جڏهن ته موجوده بجيٽ ۾ 50 هزار بيروزگار نوجوانن کي ميرٽ جي بنياد تي نوڪريون ڏيڻ لاءِ ڏوڪڙ رکيا آهن.

هن چيو ته صوفي بزرگن جي درگاهن تان قبضا ختم ڪرائي زائرين کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون آهن، سچل سرمست ۽ قلندر لال شهباز جي درگاهن تي هڪ سئو ڪمرن تي ٻڌل مسافر خانا تيار ڪرايا ويندا.

وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ دهشتگردي ۽ لاقانونيت کي روڪڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، امن امان جي صورتحال اڳ جي ڀيٽ ۾ بهتر ٿي چڪي آهي.

وڏي وزير حضرت سچل سرمست جي مزار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ غريبن ۾ ڪپڙا ورهايا، گذريل سال جي ڪارڪردگي جا ايوارڊ ڏنا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*