سـُپر ماڊل ايان علي، اي سي ايل ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ جواب داخل

ayan ali

سـُپر ماڊل ايان علي، اي سي ايل ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرائيندي چيو آهي ته گهرو وزارت سندس نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪري هڪ ڀيرو وري توهين عدالت ڪئي آهي، عدالت حڪومت جي بدنيتي کي ڏسي.

وفاقي گهرو وزارت پاران ايان علي جو نالو ٻيهر اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ بعد سپر ماڊل ايان علي پنهنجي وڪيل لطيف کوسا جي معرفت سپريم ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

ايان علي پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم بعد نالو اي سي ايل مان خارج ڪيو ويو ۽ ايان علي جي ڪراچي ايئرپورٽ پهچڻ تي نالو ٻيهر ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو.

جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ايان علي جي پاسپورٽ تي آف لوڊ جو ٺپو لڳائي ايئرپورٽ تان واپس ڪيو ويو پر کيس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ هئڻ بابت گهرو وزارت جو حڪمنامو لکت ۾ نه ڏيکاريو  ويو.

ايان علي موجب وفاقي گهرو وزارت پاران ٽيون ڀيرو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ بدنيتي آهي، گهرو وزارت  عدالت جي توهين ڪئي آهي، عدالت ڪارروائي جو حڪم ڏئي……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*