پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه سان ملاقات ڪري حڪومت جو اهم پيغام پهچايو

khurshid-shah-mahmood

 پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه سان ملاقات ڪري حڪومت جو اهم پيغام پهچايو آهي،  خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته اپوزيشن معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر حڪومت سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو.

 اسلام آباد ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه سان سندس چيمبر ۾ پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاناما ليڪس جي ٽي او آر سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ذريعن موجب، محمود اچڪزئي پاران ٽي او آر معاملي تي حڪومت جو اهم پيغام خورشيد شاهه کي پهچايو.

محمود خان اچڪزئي چيو ته ٽي او آر معاملي تي پيدا ٿيل ڊيڊلاڪ ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي ۽ معاملي جي حل لاءِ روڊن بدران پارليامينٽ جو رستو اختيار ڪيو وڃي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته اپوزيشن ٽي او آر معاملي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿي پر ائين نه ٿيو، حڪومت کي وڏي دل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ها پر سرڪار سنجيدگي نه ڏيکاري…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*