گهوٽڪي پوليس راونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن دوران 5 انعام رکيل جوابدار جعفر شر سميت 10 روپوش ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

police-operation

گهوٽڪي پوليس راونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن دوران 5 انعام رکيل جوابدار جعفر شر سميت 10 روپوش ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب گرفتار جوابدارن مٿان مختلف ٿاڻن تي ڦر، ڌاڙي ۽ پوليس مقابلن جا ڪيس داخل آهن.

ايس پي گهوٽڪي موجب رانوتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران 5 لک رپيا انعام رکيل جوابدار جعفر شر سميت 10 کان وڌيڪ روپوش ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب گرفتار جوابدارن خلاف ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي قتل، اغوا، ڦر ۽ ڌاڙي سميت پوليس مقابلن جا ڪيس داخل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*