پاڪستان ۽ افغانستان سرحدي ڇڪتاڻ سميت سمورا معاملا گڏيل مشاورت ذريعي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو

afghan-security

 پاڪستان ۽ افغانستان سرحدي ڇڪتاڻ سميت سمورا معاملا گڏيل مشاورت ذريعي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي، پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو آهي ته ڪراسنگ پوائنٽ رڳو طور خرم بارڊر نه پر ٻين هنڌن تي به ٺهڻ گهرجي.

پاڪستان جي دوري تي پهتل افغان نائب پرڏيهي وزيرحڪمت خليل ڪرزئي جي سربراهي ۾ وفد وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن بعد ٻنهي ملڪن وچ ۾ وفد جي سطح تي به ڳالهيون ٿيون.

ملاقات ۾ پاڪستان پاران طور خم بارڊر تي افغان سڪيورٽي فورسز جي فائرنگ وارو معاملو به اٿاريو ويو، افغان وفد خاطري ڪرائي ته اهڙي قسم جي صورتحال کان بچڻ لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا.

پرڏيهي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٿيل ڳالهيون سرحدي مسئلا خوش اصولبي سان حل ڪرڻ جي گڏيل خواهش تحت ٿيون.

پڌرائي موجب ڳالهين دوران ڳالهه معاملي تي زور ڏنو ويو ته موثر سرحدي انتظام ٻنهي ملڪن ۾ مضبوط لاڳاپا، امن ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اڻٽر آهن، بارڊر مئنيجمينٽ جي مسئلن تي مناسب ميڪنزم جوڙڻ جي ضرورت آهي.

پرڏيهي ترجمان موجب،  ڳالهين دوران طئي ٿيو ته پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ افغان پرڏيهي وزير وچ ۾ ايندڙ هفتي تاشقند ۾ ٿيندڙ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس دوران ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ بارڊر مئنيجمينٽ تي خيالن جي ڏوٺ ڪئي ويندي.

افغان وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو ته ڪراسنگ پوائنٽ رڳو طور خم بارڊر نه پر ٻين هنڌن تي به هئڻ گهرجن.

پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته پاڪ-افغان سرحد تي اميگريشن ميڪنزم غير رياستي عنصرن جي خاتمي لاءِ ضروري آهي، بارڊر مئينجمينٽ سان ٻنهي ملڪن کي هڪ جيترو فائدو  ٿيندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*