فرانس ۾ جاري يورو ڪپ فٽبال ٽورنامنٽ جي گروپ اي جي هڪ اهم ميچ ۾ البانيه جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد رومانيه ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي

Euro-footbal

فرانس ۾ جاري يورو ڪپ فٽبال ٽورنامنٽ جي گروپ اي جي هڪ اهم ميچ ۾ البانيه جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد رومانيه ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي.

فرانس جي شهر ليئون ۾ کيڏي ويل گروپ اي جي ميچ ۾ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو.

ميچ جي شروع ٿيڻ سان ئي ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن کي هڪ ٻئي جي گول پولز تي جارحاڻا حملا ڪري گول اسڪور ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون.

البانيه جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد رومانيه جي ٽيم کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ گول تان شڪست ڏئي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.

البانيه پاران واحد گول سڊيڪو اسڪور ڪري ٽيم کي فتح ڏيارڻ اهم ڪردار ادا ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*