لنڊن ۾ منعقد ٿيل ايگون ٽينس ٽورنامنٽ جي فائنل ۾ ميزبان ملڪ جي ٽينس اسٽآر ايندي مري هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ڪئنڊا جي مائلوز رونڪ کي شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو

teanse

انگلينڊ جي گادي واري شهر لنڊن ۾ منعقد ٿيل ايگون ٽينس ٽورنامنٽ جي فائنل ۾ ميزبان ملڪ جي ٽينس اسٽآر ايندي مري هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ڪئنڊا جي مائلوز رونڪ کي شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.

لنڊن ۾ کيڏي ويل ميگا ايونٽ جي فائنل ۾ ٻنهي ٽينس رانديگرن شاندارفورهينڊ ۽بيڪ اسٽروڪس جو مظاهرو ڪيو.

ميچ جي پهرين سيٽ ۾ مائلوز رونڪ اينڊي مري کي ڇهه-ست تان شڪست ڏني،جنهن بعد اينڊي مري پوين ٻنهي سيٽس ۾ ڇهه-چار۽ڇهه-چار تان ڪاميابي حاصل ڪري ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*