سرگوڌا جي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ آڪسيجن جي کوٽ سبب وڌيڪ ٻه ٻارڙا فوت ٿي ويا

سرگوڌا جي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ آڪسيجن جي کوٽ سبب وڌيڪ ٻه ٻارڙا فوت ٿي ويا، هيل تائين فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 27 ٿي ويو آهي.

ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ تازو ڄاول ٻه ٻارڙا آڪسيجن جي کوٽ سبب فوت ٿي ويا، جن جي وارثن اسپتال انتظاميه تي لاپرواهي جو الزام مڙهيو آهي.

آڪسيجن جي کوٽ ۽ ٻين سهولتن جي اڻهوند سبب سرگوڌا ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 27 ٿي ويو آهي.

فوتي ٻارڙن جي وارثن ڪيترائي ڀير ا احتجاج ڪيو آهي پر اسپتال انتظاميه سهولتن جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*