پشاور ۾ پوليس وين تي حملي جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن

peshawar-police-van-attack

پشاور ۾  پوليس وين تي حملي جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن،ايس ايس پي رورل شاڪر بنگش چيو ته آهي پوليس تي حملو طورخم سرحد تي ڇڪتاڻ جو رد عمل آهي.

دائود زئي ٿاڻي جي حد شڪر پوره واري علائقي ۾ پوليس موبائيل گشت ڪري رهئي ته ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا.

ڌماڪي بعد امدادي ٽيمن موقعي تي پهچي زخمي اهلڪارن کي ليڊي ريدنگ اسپتال منتقل ڪيو، زخمين ۾ پوليس اهلڪار محمد مختيار، محمد فاروق، عبدالرحيم ۽ گلداد شامل آهن، جن مان هڪ فوت ٿي ويو آهي.

ڌماڪي بعد پوليس پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو ۽ واقعي واري هنڌ وٽان شاهديون گڏ ڪيون ويون.

بم ڊسپوزل اسڪواڊ واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪرڻ کانپوءِ ٻڌايو ته ڌماڪو ريموٽ ڪنٽرول بم ذريعي ڪيو ويو ۽ بارودي مواد روڊ ڪناري نصب ڪيو ويو  هو.

ايس ايس پي رورل شاڪر بنگش ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس تي حملو طورخم سرحد تي ڇڪتاڻ جو ردعمل آهي، ڌماڪي ۾ 3 ڪلو وزني ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو، جنهن ۾ افغان شهرين جي ملوث هئڻ جو امڪان آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*