ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي مان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جو پٽ اويس شاهه اغوا ٿي ويو

justice-sajjad-ali-shah-son

ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي مان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جو پٽ اويس شاهه اغوا ٿي ويو، پوليس اويس شاهه جي گاڏي سپر مارڪيٽ وٽان هٿ ڪري ورتي، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته اويس شاهه کي سول ڪپڙا ۽ پوليس جون ٽوپيون پهريل چار ڪار سوار پاڻ سان وٺي ويا، وڏي وزير جي هدايتن تي اويس شاهه جي بازيابيءَ لاءِ ايس ايس يو جون 3 ٽيمون جوڙيون ويون آهن، ڪجهه شڪي ماڻهن کي حراست ۾ پڻ ورتو ويو آهي.

ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي مان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ کي اغوا ڪيو ويو، جنهن جي گاڏي سپر مارڪيٽ جي پارڪنگ مان لاوارث حالت ۾ هٿ ڪئي وئي.

سيد اويس شاهه جي اغوا واري اطلاع تي پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران ڪجهه شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته اويس شاهه جي گاڏي کي تحويل ۾ وٺي ان تي موجود آڱرين جا نشان وٺي ٽيسٽ لاءِ اماڻيا ويا آهن.

اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي اويس شاهه کي اغوا ڪندڙ 4 ڪار سوارن کي سول ڪپڙا ۽ پوليس جون ٽوپيون پهريل هيون.

وڏي وزير جي خاص هدايتن تي اويس شاهه جي بازيابي لاءِ ايس ايس يو ڪمانڊوز جون ٽي ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جڏهن ته شهر جي ناڪابندي پڻ ڪئي وئي آهي.

ايس ايس پي ايس ايس يو مقصود ميمڻ موجب شهر ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن کي سيل ڪري گاڏين جي جهڙتي ورتي پئي وڃي، سپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي به سخت چيڪنگ ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته معاملي کي ٽيڪنيڪي انداز ۾ ڏٺو پيو وڃي، مغوي کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.

ايس ايس پي ڊاڪٽر فاروق موجب اويس شاهه جي ڳولا لاءِ صدر، ڪينٽ اسٽيشن، بلوچ ڪالوني ۽ محمود آباد ۾ سرچ آپريشن ڪري ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو.

ترجمان ايس ايس يو موجب اسپيشل سڪيورٽي يونٽ ۽ سي پي ايل سي شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪيترن ئي گهرن تي ڇاپا پڻ هنيا آهن.

ترجمان موجب ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد پڻ ورتي پئي وڃي.

وڏي وزير ۽ گورنر سنڌ ڊي جي رينجرز سان فون تي رابطا ڪري اويس شاهه جي بازيابي لاءِ خاص ڪوششون وٺڻ جون هدايتون ڪيون آهن، جنهن کانپوءِ رينجرز جو به سڄي شهر ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*