نواب شاهه پوليس دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائيندي وين تي ڇاپو هڻي آپگهاتي جيڪيٽ هٿ ڪري ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو

nawabshah-bom-juketنواب شاهه پوليس دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائيندي وين تي  ڇاپو هڻي  آپگهاتي جيڪيٽ هٿ ڪري ڊرائيور کي گرفتار  ڪري ورتوآهي.

پوليس موجب سانگهڙ روڊ تي هڪ پيٽرول پمپ تي بيٺل گاڏي تي ڇاپو هڻي وين مان ڌماڪيدار مادي سان ڀريل خودڪش جيڪٽ هٿ ڪئي وئي.

          پوليس موجب اطلاع تي بم ڊسپوزل عملي واقعي واري هنڌ پهچي  ڌماڪيدار جيڪٽ کي ناڪاره بڻائي شهر کي تباهي کان بچائي ورتو آهي .

پوليس موجب وين ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي، جتي پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي .

پوليس موجب ناڪاره بڻايل خودڪش جيڪٽ ۾ پنج بم نصب ٿيل هئا، جن مان هر هڪ بم جو وزن اڍائي کان 3 ڪلو تائين هو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*