ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ هٿياربندن ڪلينڪ تي فائرنگ ڪري ڊاڪٽر کي قتل ڪري ڇڏيو

karachi-police

ڪراچي جي علائقي  گلشن اقبال ۾ هٿياربندن ڪلينڪ تي فائرنگ ڪري ڊاڪٽر کي قتل ڪري ڇڏيو، لياري ۽ گلشن معمار ۾ ڪارروائين دوران پابندي مڙهيل تنظيم جي ٻن دهشتگردن سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، ملير جي علائقي سعودآباد مان هڪ ڀتي خور کي گرفتار ڪيو ويو.

گلشن اقبال ۾ پيراڊائيز بيڪري ويجهو ڪلينڪ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ڊاڪٽر عبدالخالق مارجي ويو، جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته ڊاڪٽر جي قتل جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

گلشن معمار واري علائقي ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، جن جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا .

ايس ايس پي جنيد احمد شيخ موجب ڪارروائي دوران  دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا.

        ايس ايس پي موجب مارجي ويل دهشتگردن جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان سان هو جن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

ايس ايس پي موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار  هٿ ڪيا ويا آهن.

لياري جي علائقي شاهه بيگ لين ۾ پوليس جي سرچ آپريشن دوران مقابلي ۾ گينگ وار جو الله بخش عرف چاچو مارجي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدار الهه بخش عرف چاچو ڀتي خوري سميت مختلف وارداتن ۾ ملوث هو.

ملير جي علائقي سعود آباد ۾ پڻ پوليس سرچ آپريشن دوران هڪ ڀتي خور کي گرفتار ڪري دستي بم ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*