ڪوئيٽا جي احتساب عدالت، بلوچستان ميگا ڪرپشن اسڪيندل ۾ گرفتار پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين اشرف مگسي جي جسماني رمانڊ ۾ 30 جون تائين واڌ

ashraf-magsi-7616

ڪوئيٽا جي احتساب عدالت، بلوچستان ميگا ڪرپشن اسڪيندل ۾ گرفتار پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين اشرف مگسي جي جسماني رمانڊ ۾ 30 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

نيب پاران 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ کانپوءِ بلوچستان پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين اشرف مگسي کي ڪوئيٽا جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻيءَ دوران نيب پاران شاهد پيش نه ڪرڻ سبب عدالت ڪيس جي ڪارروائي 30 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت، نيب جي شاهدن کي نوٽيس جاري ڪندي اشرف مگسي جي جسماني رمانڊ ۾ به 30 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي.

اشرف مگسي تي بلوچستان پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين طور غير قانوني ڀرتين، ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو الزام آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*