نيپرا بجليءَ جي اگهن ۾ في يونٽ تي 3 رپيا 32 پئسا گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي

Nipraنيپرا بجليءَ جي اگهن ۾ في يونٽ تي 3 رپيا 32 پئسا گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي، نيپرا موجب مئي جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي سستي ڪئي وئي، ڪي اليڪٽرڪ ۽ 300 کان وڌيڪ يونٽ استعمال ڪندڙ صارفين بجلي اگهن ۾ لاٿ مان فائدو وٺي نه سگهندا.

سينٽرل پاور پرچيزنگ ڪمپني جي درخواست تي وائيس چيئرمين نيپرا ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران مئي مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي.

نيپرا موجب بجليءَ جي في يونٽ تي 3 رپيا 32 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن مان ڪي اليڪٽرڪ ۽ 300 کان وڌيڪ بجليءَ جا يونٽ استعمال ڪندڙ صارفين فائدو وٺي نه سگهندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*