سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ اويس شاهه جي اغوا خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا

court

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ اويس شاهه جي اغوا خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن.

چيف جسٽس جي پٽ ايڊوڪيٽ اويس شاهه جي اغوا خلاف وڪيلن ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ، سٽي ڪورٽ ۽ ملير ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي ڪيسن جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي آهي.

چيف جسٽس جي پٽ جي اغوا خلاف وڪيلن لاڙڪاڻي، نوشهروفيروز،   عمرڪوٽ،  قمبر،  ٺل،  ماتلي  ۽ ٻين شهرن ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن.

وڪيلن سکر، گھوٽڪي، ڪوٽڙي، سانگهڙ، ماتلي، ڏهرڪي، ميرپور ماٿيلو ۽ ٻين شهرن ۾ به وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*