موري ۾ هڪ گهر مان ناري جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ ڪيو ويو

moro-woman-muder

موري ۾ هڪ گهر مان ناري جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ ڪيو ويو، جنهن بعد ناري جو پيءُ منظر عام تان غائب ٿي ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

گڇيرو روڊ واري علائقي ۾ گهر مان ناري امينا جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ ڪيو ويو، جنهن بعد اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ناري جي قتل کانپوءِ سندس پيءُ نياز حسين منظر عام تان غائب ٿي ويو آهي، جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

مقتول ناري جي ماءُ جو چوڻ آهي ته خبر ناهي ته سندس ڌيءَ کي ڪنهن قتل ڪيو آهي،صبح سان هنن ناري جو ڳلو ڪپيل لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو.

ناري جي ماءُ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي، واقعي جي درست نموني جاچ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*