لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس 5 سيڪڙو وڌائڻ کي چيلينج ڪيو ويو

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس 5 سيڪڙو وڌائڻ کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته سڄي دنيا ۾ تيل جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آهن پر پاڪستان ۾ عوام تي بار وڌايو پيو وڃي.

ايڊووڪيٽ اظهر صديق پيٽروليم شين جي اگهن تي سيلز ٽيڪس 17 مان وڌائي 22 ڪرڻ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت، اوگرا، ناڻي واري وزارت ۽ پيٽروليم واري وزارت کي ڌر بڻايو ويو.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته حڪومت سيلز ٽيڪس لڳائي عوام تي بار وڌائي رهي آهي، سيلز ٽيڪس 5 سيڪڙو وڌائڻ عوام سان زيادتي آهي.

درخواستگذار اهو به موقف اختيار ڪيو ته سڄي دنيا ۾ تيل جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آهن پر هتي عوام تي بار وڌايو پيو وڃي.

درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته پيٽروليم شين جي سيلز ٽيڪس کي ڪالعدم قرار ڏئي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*