پنجاب جي شهر ملتان ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ شادي کان انڪار ڪرڻ تي عورت پاران تيزاب هاري زخمي ڪيل نوجوان اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو

multan-

پنجاب جي شهر ملتان ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ شادي کان انڪار ڪرڻ تي عورت پاران تيزاب هاري زخمي ڪيل نوجوان اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، عورت 14 ڏينهن لاءِ جيل حوالي ٿيل آهي.

ملتان جَي مخدوم ڪالوني ۾ 16 جون تي شادي کان انڪار ڪرڻ تي شميم نالي عورت نوجوان صداقت علي تي تيزاب هاري ڇڏيو هو.

نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي اڄ هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ جوابدار عورت کي گرفتار ڪري دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، جڏهن ته 14 ڏينهن لاءِ جيل ڀوڳي رهي آهي.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته عورت جو رنگ سانورو هئڻ سبب نوجوان شادي کان انڪار ڪيو، جڏهن ته شميم اڳواٽ ئي ٽن ٻارن ماءُ آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*