ڪرپشن اسڪيندل ۾ گرفتار ناڻي واري اڳوڻي صلاحڪار خالد لانگو ۽ بلوچستان پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين اشرف مگسي جي جسماني رمانڊ ۾ 14 ڏينهن واڌ

khalid-langha

ڪوئيٽا جي احتساب عدالت، بلوچستان ميگا ڪرپشن اسڪيندل ۾ گرفتار ناڻي واري اڳوڻي صلاحڪار خالد لانگو ۽ بلوچستان پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين اشرف مگسي جي جسماني رمانڊ ۾ 14 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي آهي.

بلوچستان جي ناڻي بابت اڳوڻي صلاحڪار خالد لانگو جو 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ بعد کيس ڪوئيٽا جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

نيب عدالت کي ٻڌايو ته خالد لانگو کان جاچ جاري آهي، ان ڪري رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي.

عدالت، استدعا منظور ڪندي خالد لانگو کي وڌيڪ 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو ۽ حڪم ڏنو ته 4 جولاءِ تي خالد لانگو کي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

ان کان اڳ نيب پاران 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ کانپوءِ بلوچستان پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين اشرف مگسي کي به ڪوئيٽا جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻيءَ دوران نيب پاران شاهد پيش نه ڪرڻ سبب عدالت ڪيس جي ڪارروائي 30 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت، نيب جي شاهدن کي نوٽيس جاري ڪندي اشرف مگسي جي جسماني رمانڊ ۾ به 30 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي.

اشرف مگسي تي بلوچستان پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين طور غير قانوني ڀرتين، ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو الزام آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*