سنڌ جي وڏي وزير آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز سان رابطو ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ کي بازياب ڪرائڻ جي هدايت

qaim-ali-shah

سنڌ جي وڏي وزير  سيد قائم علي شاهه آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز سان رابطو ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي پٽ اويس شاهه کي بازياب ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي،جڏهن ته وڏي وزير اڄ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.

وڏي وزير  آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز سان فون تي رابطو ڪري اويس شاهه جي بازيابي لاءِ خاص ڪوششون وٺڻ جون هدايتون ڪيون آهن.

وڏي وزير ڊي جي رينجرز کي چيف جسٽس جي پٽ کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر چيف جسٽس جي پٽ جي اغوا واري هنڌ پهتو، جنهن دوران رينجرز عملدارن کيس بريفنگ ڏني.

وڏي وزير چيف جسٽس سجاد علي شاهه سان فون تي رابطو ڪري سندس پٽ جي اغوا واري معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، وڏي وزير چيف جسٽس کي سندس پٽ جي بازيابي لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي.

وڏي وزير اڄ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جيڪو ڪجهه دير اندر وزيراعليٰ هائوس ۾ شروع ٿي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*