سپريم ڪورٽ، سروس ٽربيونلز جي چيئرمين جي مقرري واري ڪيس ۾ عدالتي حڪمن تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي

Supreme-Court-14-4-16

سپريم ڪورٽ، سروس ٽربيونلز جي چيئرمين جي مقرري واري ڪيس ۾ عدالتي حڪمن تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جسٽس عظمت رماڪس ڏنا آهن ته حڪومت پنهنجو ذميواريون نڀائي ۽ عدالتن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي.

چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لاجر بينچ سروس ٽربيونلز ۾ چيئرمين جي مقرري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

وڪيل شعيب شاهين دليل ڏيندي چيو ته عدالتي فيصلن تي عملدرامد نه ٿي رهيو آهي، سروس ٽربيونل جي چيئرمين جي مقرري لاءِ قانون ۾ ترميم وقت عدالتي حڪم کي سامهون نه رکيو ويو.

چيف جسٽس رماڪس ڏنا ته حڪومت ٻن سالن کان ڪيس ۾ تضاد وارو رويو رکي پئي، عدالتي فيصلي ذريعي مسئلي جو مستقل حل ڪڍيو ويندو.

چيف جسٽس رماڪس ڏنا ته جيڪڏهن تاريخ ۾ ايف ايس ٽي جي سربراهن جا نالا ڏٺا وڃن ته حڪومت کي شرم اچي ويندو.

جسٽس امير هاني مسلم رماڪس ڏنا ته حڪومت هر عدالتي سربراهه جي مقرري ۾ عدالتي حڪمن کي نظر ۾ رکڻ  جي پابند آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*